انب موري ۾ نابين جو احتجاج، پوليو مهم جو بائيڪاٽ

انب موري/ٽنڊوڄام ( نمائندن وٽان)ٽنڊو جان محمد لڳ يوسي ميرخدابخش ٽالپر جي ديھ ھڪ سئو ڇانوي جي رهواسي اکين کان نابين گلزار  جروار، سندس گهر واري مسمات چڱي ۽ ٻارن سميت  احتجاج ڪيو، ننڍڙن ٻارن کي پوليو جا قطرا نه پيئارڻ جو بائيڪاٽ جو اعلان ڪيو، اکين کان نابين گلزار جروار ميڊيا کي ٻڌايو ته آئون اکين کان نابين آھيان، منهنجي گهرواري ٻني ٻارو پوکي منهنجو ۽ ٻچن جو پيٽ پالي ٿي، گذريل ٻوڏ ۾ اسان بي گهر ٿي ويا آھيون کائڻ لاءِ ڪجھه به ناهي، ٿڌ ۾ پريشان آهيون، پ پ پ جي ٽڪيٽ تان بيٺل غلام الله جروار کي اسان ووٽ نه ڏنا ان ڪري اسان کي ڪجهه نه مليو، اسان هينئر گهر ن هجڻ ڪري ڪکن جي جهوپڙي ٺاهي ويٺا آھيون جنهن م سي جي ڪري ٻار ۽ اسين بيمار ٿي پيا آھيون، گورنمنٽ طرفان مليل امداد ۽ ٽينٽ ھنن پنهنجي من پسند ماڻھن ۽ ٻين علائقن جي ماڻھن جهڙوڪ سيلور موري جهڏو ڏهنورو ۾ پنهنجن مائٽن کي ڏنا پر اسان مير خدابخش يوسي جي رهواسين کي نه ڏنا، اسان پنهنجي ٻارن کي پوليو جي قطرن پيارڻ جو بائيڪاٽ ٿا ڪريون

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.