ڪڪڙ ۽ ڀرپاسي مان چوري ٿيل تارون نه لڳي سگهيون، بجلي بند

ڪڪڙ (ن ع آ) ڪڪڙ سميت مختلف ھنڌن تان 12ٿنڀن تان ھفتو اڳ چوري ٿيل 11وولٽيج جون تارون نئين سر نه لڳيون، 50ڳوٺن جي  بجلي فراھمي معطل ٿي وئي، خانپور جوڻيجو کان ڪڪڙ ايندڙ لائين ۽ ڳوٺ ٻيلوپتڻ کان ڳوٺ ابراھيم ساند ويندڙ بجلي جي سپلاءِ ھفتو اڳ  12 ٿنڀن تان چوري ٿي ويل لکين  روپين جون تارون پوليس واپس ڪرائڻ ۾ مڪمل طور ناڪام ٿي وئي آھي، هڪ هفتي کان ڪڪڙ شهر سميت 50 کان وڌيڪ ڳوٺن جي بجلي بند آھي  شهري پاڻي ڍڪ لاءِ پريشان آھن، شھرين جا ڪاروباري مرڪز مڪمل طور بند پيل آھن، بجلي جون تارون چوري ٿيڻ جي واقعي کانپوءِ ڪڪڙ درمحمد ٿرڙي، جادوشھيد، ابراھيم ساند، ڪنب، شيخ کنڀڙ ملاح سمون، ساند سميت 50ڳوٺن جي  بجلي مڪمل طور بند پيل آھي، بجلي جي فراھمي متاثر ھئڻ ڪري علائقو اونداھي جو شڪار آھن ، بجلي نه هجڻ ڪري علائقن ۾ چوريون وڌي ويون آهن، ڪامريڊ درمحمد کرل عبدالرزاق هنگورو رئيس امتياز دل محمد شريف مشوري  ۽ ٻين ڊي سي دادو ۽ وس وارن کان مطالبو ڪيو آهي ته ڪڪڙ شهر ۽ لاڳاپيل مختلف  ڳوٺن جي جلد کان بجلي جي فراھمي  بحال ڪرائي ڏني وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.