اسلام ڪوٽ ۾ ٺيڪيدار خلاف ٻڪرا چوري ڪرڻ جو ڪيس داخل

اسلام ڪوٽ (ت، ر ) اسلام ڪوٽ ويجهو ڳوٺ جيئندو درس واسي ھدايت الله درس جي فرياد تي سندس ئي ڳوٺ جي ٺيڪيدار ۽ اي زيڊ  ڪمپني جي مالڪ ذوالفقار درس مٿان ٻڪرا چوري ڪرڻ جو ڪيس داخل ڪرائي ڪرائي ڇڏيو،جنهن ۾فريادي ھدايت الله درس موقف اختيار ڪندي ڄاڻايو آھي ته سندس ئي ڳوٺ جو ذوالفقار درس جو ٿرڪول بلاڪ ٽو ۾ گوشت ڏيڻ جو ٺيڪو آھي ھو اسان جو مال چوري ڪري ڪمپني ۾گوشت سپلاءِ ڪندو آھي،مال چوري ڪيس جي قلم 379 ۽ 34 پي پي سي تحت ذوالفقار درس سميت پرويز درس ۽ عبدالحليم درس جا نالا ڄاڻايا ويا آھن،هوڏانهن الزام هيٺ آيل ذولفقار درس پنهنجو موقف ڏيندي ٻڌايو آھي مون ڪا به چوري ناهي ڪئي،الزام بي بنياد آھن،سياسي بنيادن تي مون کان انتقام ورتو پيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.