پريالوءِ (ن ع آ ) پريالوءِ شهر جي مين روڊ اقصيٰ مسجد وٽ 5 کان وڌيڪ هٿياربندن جو شهر جي رهواسي آفتاب عمر بلوچ مٿان قاتلاڻو حملو ڪيو جنهن دوران هٿياربندن سان مزاحمت ڪرڻ تي هٿياربندن هٿيارن جا بٽ هڻي نوجوان آفتاب عمر بلوچ کي سخت زخمي ڪري ڇڏيو جنهن بعد هٿياربند فائرنگ ڪندا فرار ٿي ويا، شهرين زخمي نوجوان ڳڻتي جوڳي حالت ۾ پريالوءِ جي مقامي اسپتال پهچايو جنهن بعد سندس حالت ڳڻتي جوڳي هئڻ ڪري کيس سول اسپتال خيرپور نيو ويو، هوڏانهن واقعي جو ڪارڻ معلوم نه ٿي سگهيو.