لاڙڪاڻي ۾ عوامي تحريڪ پاران آدمشاري ۽ ڌارين کي نيڪالي لاءِ احتجاج

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي ۾ عوامي تحريڪ ضلعي لاڙڪاڻي طرفان سنڌين جون زمينون، سامونڊي پٽي، تيل، ڪوئلو، گئس ۽ اختيار وفاق حوالي ڪري ون يونٽ مسلط ڪرڻ واري سنڌ اسيمبليءَ جي قرارداد، خورشيد شاهه جي قيادت ۾ جوڙيل نوان صوبا ڪميٽي، بدنيتي تي مبني ڊجيٽل آدشماري ڪري ڌارين کي سنڌ جو شهري ڪري ڳڻڻ، اٽي جي ڳاٽي ٽوڙ اگهه، پيپلز پارٽي جي ايم اين اي قادر مندو خيل طرفان ڊوميسائيل پاليسي ۾ تبديل آڻڻ لاءِ قومي اسيمبليءَ ۾ ترميمي بل آڻڻ ۽ سنڌ ۾ ڪشميرن لاءِ خاص وزارت قائم ڪرڻ خلاف ۽ سنڌ مان ڌارين جي نيڪالي لاءِ احتجاجي ريلي ڪڍي وئي جيڪا شهر جي مختلف روڊن رستن کان ٿيندي پريس ڪلب اڳيان پهتي جتي ڌرڻو هنيو ويو. ان موقعي تي عوامي تحريڪ جي سينيئر نائب صدر ايڊووڪيٽ ساجد حسين مهيسر، عوامي تحريڪ ضلعي جنرل سيڪريٽري طفيل جکرو، محمد خان چانڊيو، راجيش ڪمار گواريو، عبدالرحمان چانڊيو، سجاڳ ٻار تحريڪ جي مرڪزي صدر اعتزاز گائينچو، سنڌي شاگرد تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ نويد عباس ڪلھوڙو، فرحان ڪلھوڙو، بابل سومرو، شعيب نواز نوناري، ذاڪر ابڙو، ڪامران ڪلھوڙو، حق نواز جتوئي ۽ ٻين چيو ته سنڌ جا وسيلا ۽ زمينون وفاق حوالي ڪرڻ واري قرارداد پاس ڪري وڏيرن ۽ جاگيردارن واري سنڌ اسيمبليءَ آئين ٽوڙيو آهي. هن قرارداد ذريعي ارڙهين آئيني ترميم جو قتل ڪيو ويو آهي. سنڌ اسيمبلي هن قراداد کي واپس وٺي ڇاڪاڻ ته سنڌ جا وسيلا سنڌ اسيمبليء جي وڏيرن جي جاگير نه بلڪه سنڌي عوام جي اجتماعي ملڪيت آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.