ڏهرڪي پوليس جي ڪارروائي، نقلي نوٽ وڪرو ڪندڙ اهلڪار سميت 8 گرفتار

ڏهرڪي ( رپورٽ:  اجيت ڪمار ) ڏهرڪي ويجهو مڱريا پمپ تي ڏهرڪي پوليس جي ڪاروائي ڪري هڪ هزار جا نقلي نوٽ ايجنٽن ۾ سپلائي ڪرڻ لاءِ ايندڙ پوليس اهلڪار سميت سندس گروه جا 8 ڄڻن کي گرفتار ڪري وٽان نقلي نوٽن جا 77 هزار روپيا هٿ ڪيا آهن، ان سلسلي ۾ ڏهرڪي پوليس ٻڌايو خفيه اطلاع تي پوليس شهر جي مڱريا پمپ وٽ ڪاروائي ڪري نقلي نوٽايجنٽن کي سپلائي ڪرڻ لاءِ ايندڙ پوليس اهلڪار خواجه مظهر، خميسو پهوڙ، عبدالستار پهوڙ، سڪندڙ پهوڙ، عاطف سيال، جماالدين سيال، نصرالله چانڊيو، ۽ سڪندر شاهه کي گرفتار ڪري وٽان نقلي نوٽن جا 77 هزار روپيا هٿ ڪري کيس ٻه ڪارون پڻ تحويل ۾ وٺي ڇڏيون آهن پوليس موجب گرفتار ڪيلن جو تعلق  خيرپور سان آهي جيڪو گروه ڪيتري ئي عرصي کان نقلي نوٽ سپلائي ڪرڻ جو ڪاروبار ۾ ملوث آهي پوليس موجب گرفتار ڪيل مٿان ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.