سيٺارجا ڀرسان يارنهن هزار بجلي جون تارون چوري

سيٺارجا (ن ع آ) سيٺارجا ڀرسان ٿنڀن ۾ لڳل يارنهن هزار بجلي جون تارون نامعلوم چور چوري ڪري ويا، سيٺارجا ٿاڻي جي حد پير ٻڍڙو روڊ ڀرسان قائم ڳوٺ سائيداد سولنگي ۾ لڳل چار ٿنڀن مان يارنهن هزار بجلي جون تارون رات دير سان نامعلوم چور لاهي چوري ڪري ويا،ڳوٺاڻن سيٺارجا ٿاڻي تي اين سي داخل ڪرائي ڇڏي آهي، متاثر ڳوٺاڻي محمد اعظم ڳالهائيندي چيو ته اسان جي ڳوٺ طرف ايندڙ بجلي جي ٿنڀن مان رات دير سان نامعلوم چور چار ٿنڀن جون تارون چوري ڪري ويا آهن، اهڙي واقعي جي اين سي داخل ڪرائي آهي چوري واپس ڪرائي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.