ٽنڊوآدم(ن. ع آ) ٽنڊوآدم بي سيڪشن ٿاڻي جي حد ٽنڊوالھيارروڊ تي ڳوٺ مير حسن مري لڳ تيز رفتار ٽرڪ ڪار ۽ موٽر سائيڪل کي پويان کان زوردار ٽڪر ھنيو جنھن جي نتيجي ۾ ڪار ۾ سوار 40 سالا عورت اڪبري زال غلام رسول مغل ٿڏي تي فوت ٿي وئي ۽ 12 سالا ارسلان 20 سالا قربان مغل 18 سالا عثمان مغل 22 سالا نائلا سخت زخمي ٿي پياجڏھن ته موٽر سائيڪل تي سوار 2 ڄڻا عاشق مھڪاڻي ۽ بلوچ خان مھڪاڻي پڻ سخت زخمي ٿي پيا زخمين ۽ فوتي عورت کي ڳوٺاڻن تعلقا اسپتال پھچايو جتان سمورن زخمين کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ ايل ايم يو اسپتال حيدرآباد منتقل ڪيو ويو ۽ فوتي عورت کي ضروري ڪاروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو اطلاع ملڻ تي بي سيڪشن ٿاڻي جي پوليس واقعي واري ھنڌ پھچي ڊائيور کي گرفتار ڪري ٽرڪ ڱي تحويل ۾ وٺي ٿاڻي تي بيھاري ڇڏيو.