بلڙي شاهه ڪريم ۽ ڀرپاسي ۾ ارڙي جي وبا، هڪ ئي خاندان جا 3 ٻار فوت

بلڙي شاهه ڪريم(  ن ع آ) بُلڙي شاھ ڪريم ڀرسان وڏي آبادي رکندڙ ڳوٺ جنھاڻ سومرو ۾ ارڙيءَ جي وباءَ تيزيءَ سان ڦھلجڻ لڳي ارڙيءَ  ۾ مبتلا صديقه ڌيءَ حسين سومرو حليمه ڌيءَ حامد سومرو دم ڏئي  ڇڏيو، ھڪ ئي ڏينھن ۾ ٻن معصوم گُلڙن جون حياتيون ارڙيءَ وباءَ کسي ورتيون ، واضع رھي تہ ساڳي ئي ڪٽنب جو معصوم گُلڙن جهڙو ٻارڙو سفيان پٽ حامد سومرو 20 ڏينهن پھريان ارڙيءَ وگهي فوت ٿي ويو ھو جڏھن ته اڄ وڌيڪ 2 ٻارڙا ارڙيءَ وگهي فوت ٿي ويا آهن ، انھي سلسلي ۾ ڳوٺ جنھاڻ سومرو جي مقامي سماج سڌارڪ محمود سومرو رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو تہ ارڙيءَ جي وباءَ ڳوٺ جنھاڻ سومرو ۾ تيزيءَ سان ڦھلجي رھي آھي ھڪ ئي ڪٽنب جا ٽي ٻارڙا ارڙيءَ وگهي فوت ٿي ويا آھن جڏھن تہ ھن وقت به ڪافي ٻارڙا ارڙيءَ وباءَ ۾ مبتلا آھن جن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي ھن چيو تہ ھتي ڪافي غريب گھراڻا آھن جن وٽ نجي اسپتالن ۾ علاج ڪرائڻ جي سگھ ناھي سرڪاري اسپتالن ۾ غريب وڃن ٿا ته آري بھتر نموني علاج نٿو ٿئي ھن چيو تہ اسان صحت کاتي سنڌ جي وزير ، ڊي ايڇ او ٽندو محمد خان ڊي سي ٽنڊو محمد خان ۽ لاڳاپيل انتظاميه کان اپيل ٿا ڪريون تہ ڳوٺ جنھاڻ سومرو م ھڪ ميڊيڪل ٽيم جوڙي موڪلي وڃي جيئن ارڙيءَ وباءَ تي ضابطو اچي ۽ وڌيڪ انساني جانيون ضايع ٿيئڻ کان بچي سگھن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.