لاڙڪاڻي ۾ همراهه جو پوليس ۽ بااثر خلاف احتجاج

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي شهر جي سميع آباد پاڙي جي رهواسين پاڪ ڪتاب کڻي علي گوهر آباد پوليس ۽ بااثر مائٽن خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو، ان موقعي تي عورت عابده انصاري پنهنجي نياڻين رضوانه، آمنه، بسمه، پٽ غلام مصطفيٰ ۽ ڏير دلدار انصاري سان گڏجي دانهيو ته ٻه سال اڳ منهنجي مڙس گلزار علي انصاري نناڻ مهناز جي مڙس عباس منگي کان سعودي عرب ۾ پورهيو ڪرڻ لاءِ بانڊن جي صورت ۾ هڪ لک 30 هزار روپيا قرض ورتو جيڪي پئسا هن لاڪ ڊائون ختم ٿيڻ بعد کين ڏئي ڇڏيا جنهن کان پوءِ انهن جو ڪو به قرض اسان مٿان ناهي. هن الزام لڳايو ته قرض ادا ڪرڻ بعد نناڻ مهناز جي مڙس عباس منگي منهنجي مڙس کي سعودي عرب وٺي وڃڻ جو چيو انڪار تي انهن مهينو اڳ مڙس کي اڳوڻي ايس ايڇ او علي گوهر آباد خادم حسين مگسي هٿان گرفتار ڪرائي زبردستي ساڍا 4 تولا سونا زيور وٺڻ وڪرو ڪرڻ جو الزام لڳايو، ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي پوليس ۽ بااثر مائٽن خلاف ڪاروائي ڪري تحفظ فراهم ڪري.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.