ٺٽو: ٿڌ جي لهر ڪوهستاني ۽ ساحلي پٽي ۾ تباهي مچائي ڇڏي، 2 ٻار فوت

ٺٽو/ غلام الله (نمائندن وٽان) تازي شروع ٿيل سردي جي لھر ڪوھستاني توڙي ساحلي پٽي ۾ تباھي مچائي ڇڏي، وڏي تعداد ۾ مرد، عورتن سميت معصوم ٻارڙا ٿڌ، زڪام، بخار، ڇاتي جي تڪليف ۾ وٺجي وڃڻ سان معصوم ٻارڙا جھٽڪن جي بيماري ۾ وڍجي ويا، 2 معصوم ٻارڙا فوت ٿي ويا، ڪجهه ڏينھن کان ضلعي ٺٽي اندر سردي جي لھر ۾ آيل اضافي سبب ضلعي ٺٽي جي ڪوھستاني توڙي ساحلي پٽي سميت ننڍن، وڏن شھر توڙي ڳوٺن ۾ اڪثر مرد، عورتون توڙي ٻارڙا سردي سبب ٿڌ، زڪام، کگ، بخار، ڇاتي جي تڪليف سبب معصوم ٻارڙا جھٽڪن واري بيماري ۾ مبتلا ٿي ويا آھن، جن جو بھتر علاج  نه ٿيڻ ڪري سندن زندگيون داءُ تي لڳي ويون آهن، جھمپير لڳ ڪوھستاني ڳوٺ سائينون جاکرو جي رھواسي ڪوھستاني محمد انور جاکرو جي ڀاڻج، پورھيت حبيب الله جاکرو جي 3 ورهين جي معصوم نياڻي آصفه جاکرو جھٽڪن جي بيماري سبب فوت ٿي وئي، ھوڏانھن ڀارت ۾ قيد ماهيگير حمزو ٿهيمور جو 10 ورهين جو معصوم ڀائيٽو زبير ولد حبيب ٿهيمور  به علاج نه ٿيڻ سبب شديد سردي ۾ بخار ۽ جهٽڪي سبب تڙپي تڙپي فوت ٿي ويو، سردي ۾ اضافي سبب ھر ماڻھون مختلف بيمارين ٿڌ، زڪام، بخار، کگ سميت ٻارڙا جھٽڪن واري بيماري ۾ مبتلا ٿي ويا آھن، پر سنڌ سرڪار، صحت کاتي ڪوبه تحرڪ ناھي ورتو، ھتان جي رھواسين سنڌ حڪومت، صحت کاتي جي اعلي اختيارين سميت سمورن وس وارن کي اپيل ڪئي آهي  ته ڪوھستاني توڙي ساحلي پٽي ۾ ڊاڪٽرن جون ٽيمون موڪلي غريب بيمار ماڻھن جو علاج ڪري سندن زندگيون بچائي کين پريشاني مان نجات ڏياري وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.