مبارڪپور لڳ ڪجهه ڏينهن اڳ لڳل ڌاڙو واپس نه ٿيو

جيڪب آباد ( رپورٽ : سڪندر علي سرڪي ) مبارڪپور ٿاڻي جي حد ڳوٺ پراڻو جنگو ۾ 26 ڏينهن اڳ ڳوٺاڻي حاجي عبدالعزيز کوسو جي گهر ۾ 7  هٿياربند داخل ٿي گهر ڌڻين کي يرغمال بڻائي مٿس سخت تشدد ڪري 10 لک روڪ 7 تولا سون ۽ ٻيو قيمتي سامان کڻي فرار ٿي ويا هئا، جنهن بعد متاثر عبدالعزيز کوسو جي فرياد تي مبارڪپور پوليس نامعلوم ماڻهن مٿان ڪيس داخل ڪري ڇڏيو، متاثر عبدالعزيز کوسو جاچ ۽ ڪيس ميرپور ٻرڙو ٿاڻي تي منتقل ڪرايو، جنهن بعد ميرپور ٻرڙو پوليس ايس ايڇ او نثار عالم ابڙو جي اڳواڻي ۾ مختلف ٿاڻن بي سيڪشن، مبارڪپور ، اي ايڪشن ۽ٻين ٿاڻن جي نفري ساڻ ڪري مبارڪپور ٿاڻي جي حد جي مختلف ڳوٺن پراڻو جنگو، سچل سرڪي، رانجهوڪورار. ڪٽا شاخ ۽ ٻين ڳوٺن تي چڙهائي ڪري ڪيترائي شڪي ماڻهو گرفتار ڪري ورتا آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.