ريتي لڳ پرائمري اسڪول ۾سهولتن جي کوٽ، ڳوٺاڻن جو احتجاج، ڌرڻو

ريتي (رپورٽ ساگر اڻکيا(ريتي لڳ جھنگل ملڪ جا تعليمي ادارا بند هجڻ، هڪ عرصي کان تعميراتي ڪم مڪمل نه ٿيڻ، استادن، فرنيچر پورا ڪرڻ، ۽ اسڪولن ۾ ضروري سهولتون ڏيڻ لاءِ ٻارڙن ۽ ڳوٺاڻن بشير احمد  ملڪ، عبدالغفار ڀٽو، مشتاق احمد ملڪ احتجاج ڪندي ٻڌايو ته جھنگل ملڪ ۾ تعليم لاوارث بڻيل آهي  ڪو به مالڪي ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي هنن ٻڌايو ته جھنگل ملڪ جي بوئز پرائمري اسڪول ۾ هن وقت 450 شاگرد آهن جڏھن ته ٽن سالن کان ٻه استاد مقرر ٿيل آهن جيڪو عمل حڪومت پاران ڏنل تعليمي پاليسي جي خلاف آهي جڏهن ته اسڪول ۾ فرنيچر جي کوٽ آهي ٻارڙا سيارو، انهارو پٽ تي ويهي پڙهن ٿا جڏهن ته ٻين پيڻ جي صاف پاڻي، گندي پاڻي جي نيڪال وغيره سهولتن جي اڻاٺ آهي، هنن ٻڌايو ته سترهن سال پهرين مڊل اسڪول جي تعميراتي ڪم جي بنياد وڌو ويو هو جنهن اسڪول جو ڪم هن وقت تائين اڻ پورو جڏهن ته شاگردن کي مڊل جي تعليم لاءِ ريتي يا اوٻاوڙو وڃڻو پئي ٿو عوامي گاڏيون نه هلڻ ۽ غربت سبب سٺ سيڪڙو شاگرد پرائمري کان مڊل تائين ڪون ٿا وڃي سگهن، وڌيڪ هنن ٻڌايو ته اسان جي گرلز پرائمري اسڪول جهنگل ملڪ جنهن جي بلڊنگ 35 سال پهريان تعمير ڪئي وئي هئي جنهن ۾ اڄ تائين پڙهائي شروع نه ٿي سگهي آهي جيڪا هاڻي زبون حال ٿي جهڙي رهي آهي اسان جون نياڻيون تعليم جي زيور کان محروم بڻيل آهن هنن چونڊيل نمائندن ۽ تعليم کاتي جي آفيسرن کان اپيل ڪندي چيو آهي ته اسان جي علائقي جي اسڪولن جو ڪم پورو ڪرائي اسڪول ڪورائي اسڪول ۾ استاد فرنيچر ۽ ٻيون ضروري سهولتون پوريون ڪرائي تعليم جو حق ڏنو وڃي جنهن اسان جون ايندڙ نسلون؛علم حاصل ڪري شعور ۽ ترقي ماڻي سگهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.