سکر ۾ ميونسپل ڪارپوريشن جي لاپرواهي، پيئڻ جو پاڻي بند، احتجاج

سکر (رپورٽ : اختيار علي چنا  ) سکر ۾ ميونسپل ڪارپوريشن جي مسلسل لاپرواهي سبب نئون پنڊ، ڀوسا لائين، درزي محلا، گوپانگ محلا، ٽڪر محلا، چانڊ مسجد، ريلوي ڪالوني، جيلاني روڊ، جناح چوڪ، نئون  ڳوٺ، بيراج روڊ، مائيڪرو ڪالوني، قريشي ڳوٺ، بهار ڪالوني، بندر روڊ، مياڻي روڊ، مارچ بازار ۽ ٻين علائقن ۾ ڪيترن ئي ڏينهن کان پيئڻ جي پاڻي جي سپلائي بند ٿيڻ سبب متاثر شهرين احتجاج ڪندي چيو ته سکر شهر پاڻي نه هجڻ ڪري ڪربلا جو منظر پيش ڪري رهيو آهي، متاثر علائقن ۾ پاڻي کوٽ سبب غريب طبقو پريشان آهي،  اتي ڪاروباري زندگي به درهم برهم ٿي وئي آهي، شهري ڏورانهن علائقن مان پاڻي ڀري اچڻ ٿا ۽ ڪيترائي پاڻي پئسن عيوض پاڻي خريد ڪرڻ تي مجبور آهن، شهرين جي ميونسپل ڪارپوريشن سکر تي تنقيد ڪندي چيو ته بلديا جا آفيسر صرف ڪرپشن ڪرڻ ۾ پورا آهن،  ايڊمنسٽريٽر عدنان رضا انصاري، ميونسپل ڪمشنر محمد علي شيخ ۽ ٻين نااهلن شهرين کي بنيادي ۽ ميونسپل جون سهولتون فراهم ڪرڻ ۾ ڪا به اڳڀرائي ناهي ڪئي سکر جي شهرين صوبائي وزير بلديات ۽ ٻين اعليٰ اختيارين کان واٽر سپلاءِ جو نظام بهتر بڻائڻ جو مطالبو ڪندي گهر ڪئي ته پاڻي جي کوٽ سبب شهرين کي درپيش مشڪلاتن کي دور ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.