سکر ( رپورٽ: آزاد مهر ) سکر جي جيلاني روڊ تي بروهي محلا ۾ تعمير ٿيندڙ دڪان لاءِ رڪشا لوڊر ٽائلس لوڊ ڪري کڻي اچي رهيو هو ته بريڪ فيل ٿي وئي ۽ هو ڀرسان تعمير ٿيندڙ پلازا جي پلاٽ ۾ هيٺ ڪري پيو، جنهن جي نتيجي ۾ رڪشا لوڊر جو ڊرائيور سخت زخمي ٿي پيو، جنهن کي علاج لاءِ اسپتال پهچايو ويو، پر زخمن جا تاب نه سهندي فوت ٿي ويو، جڏهن قانوني ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو.