ميهڙ: جهيڙي ۽ حملي جو ڏوهه ثابت، 5 جوابدارن کي سزا

ميھڙ (ن ع آ) ميھڙ جي سيڪنڊ سول جج اعجاز علي جروار جي عدالت ۾ جوابدارن تي جھيڙي ۽ حملو ڪري زخمي ڪرڻ وارو ڏوھ ثابت ٿيڻ  تي 5 جوابدارن کي 2 سال قيد ۽ ھر ھڪ جوابدار تي 5-5 ھزار روپيا  ڏنڊ جي سزا ٻڌائي وئي، ميھڙ جي عدالت ۾ فريادڻ مسمات ڪلثوم لاشاري ميھڙ جي اي سيڪشن ٿاڻي تي جوابدارن غلام شبير ، غلام سرور، ياسين ،عامر ، ۽ حاجن لاشاري جيڪي ويٺل عبدالصمد لاشاري خلاف زرعي زمين جي مالڪي تان لاشاري برادري جي ٻن ڌرين ۾ جاري ڇڪتاڻ تان حملو ڪري جھيڙو ڪيو ھيو جنھن ۾ 3 ڄڻا زخمي ٿيا ھيا، زخمين ۾ مسمات ڪلثوم ، زبير ۽ منير لاشاري شامل ھئا، واقعي جو مسمات ڪلثوم لاشاري جي فرياد تي پي ايس اي سيڪشن ميھڙ تي گناھ نمبر 183/2021 قلم 452-506/2/147/148/149 ھيٺ داخل ڪيو ويو ھيو جنھن جو عدالت فيصلو ٻڌائيدي 5 جوابدارن مٿان 2 سال قيد ۽ 5/5 ھزار ڏنڊ جي سزا ڏيندي کيس جوابدارن کي جيل اماڻڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.