عثمان شاهه هڙي لڳ مزدا جو چنگچي کي ٽڪر، نوجوان فوت

عثمان شاھ ھڙي  ( ن ع آ) عثمان شاھ ھڙي ويجھو عمر ساند ٿاڻي جي حد واري مين ٽنڊوالهيار روڊ جي بس اسٽاپ جمع خان لنڊ بس اسٽاپ  وٽ مزدا ۽ چنگچي رڪشا وچ ۾ زوردار ٽڪر سبب چنگچي رڪشا هلائيندڙ ڳوٺ شاھنواز مھاجر جو رھواسي نوجوان علي محمد ولد ممتاز راجپوت تڏي تي چيپاٽجي فوت ٿي ويو جڏهن ته نوجوان جو لاش ڪيتري وقت تائين روڊ تي پيل رھيو جنھن بعد نوجوان جا وارث ۽ عمر ساند پوليس واقعي واري هنڌ پهچي نوجوان جي لاش کي سول اسپتال ٽنڊوالهيار منتقل ڪيو جنھن بعد نوجوان جي لاش کي ضروري ڪارروائين بعد لاش وارثن حوالي ڪيو. جڏهن ته نوجوان جي وارثن جو چوڻ آهي ته نوجوان گھر جو اڪيلو ڪمائيندڙ ھو جيڪو  2 ڏينهن اڳ فوت ٿيل پنھنجي پيءُ جي ٽيھجي جو سامان وٺڻ وڃي رھيو جنھن بعد نوجوان سان اھيو واقعو پيش آيو ۽ پاڻ به فوت ٿي ويو. ٻي طرف عمر ساند پوليس مزدا ھلائندڙ ڊرائيور ۽ مزدا کي پنھنجي تحويل ۾ وٺي عمر ساند ٿاڻي منتقل ڪري ڇڏيو آھي. نوجوان علي محمد راجپوت جو لاش گھر پهچڻ تي گهر ۾ڪهرام مچي ويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.