سکر ۾ اصحاب سڳورن جون قبرون موجود، پري پري کان زائرين اچن ٿا !

سنڌ جي وڏي شهر سکر جي محبوب ڳوٺ جي قبرستان ۾ ٽن اصحاب سڳورن جون قبرون مبارڪ موجود آهن.

قديمي قبرستان ۾ حضرت عمرو بن عبسه رضي الله تعاليٰ عنه، حضرت عمر امه بن اخطب ۽ حضرت معاذ جهاني رضي الله تعاليٰ عنه جي قبر مبارڪ موجود آهي.

حضرت عمر بن عبسه جي قبر مبارڪ عام قبرن کان دراز آهي جڏهن ته ٻين اصحابن سان واڳيل قبرون احاطي ٻاهر آهن جتي ماڻهو پري پري کان زيارت لاءِ اچن ٿا.

زائرين جو چوڻ آهي ته هن قبرستان ۾ سيدنا عمرو بن عبسه رضي الله تعاليٰ عنه جي قبر موجود آهي جتي ملڪ جي ٻين صوبن مان ماڻهو فاتحه خواني لاءِ اچن ٿا.

زائرين موجب اسان پنهنجي استادن وٽان ٻڌو آهي ته هتي اصحاب سڳورن جون قبرون مبارڪ موجود آهن.

سنڌ جا تاريخي ۽ مذهبي ماڳ ڄاڻ جو مڪمل خزانو آهن جن مان نئين نسل کي روشناس ڪرائي سگهجي ٿو جڏهن ته ٻين ماڳن جي نئين سر اڏاوت ڪري سياحت کي به هٿي ڏئي سگهجي ٿي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.