اين آءِ سي وي ڊي دنيا جو وڏو هيلٿ ڪيئر نيٽ ورڪ بڻجي ويو، رپورٽ جاري

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) دل جي مرضن بابت قومي اداري (اين آءِ سي وي ڊي) جيڪو 10 اسپتالن ۽ 24 چيسٽ پين يونٽس تي ٻڌل دنيا جو وڏو هيلٿ ڪيئر نيٽ ورڪ بڻجي چڪو آهي، اهو مريضن کي دل جي مرضن جو جديد ۽ مهانگو علاج مفت فراهم ڪرڻ ۾ ڏينهن رات مصروف آهي، 2022 ۾ اين آءِ سي وي ڊي سسٽم ۾ تقريبن 2.2 ملين مريضن کي مفت علاج فراهم ڪيو ويو، جنهن ۾ 3.641 مريضن جون ڪارڊيڪ سرجريز ۽ 19888 پرائمري پي سي آءِ سرانجام ڏنيون ويون.

اين آءِ سي وي ڊي جي ترجمان جو چوڻ هو ته هي ڪارڊيٽ سرجريز ۽ پراسيجرز اين آءِ سي وي ڊي جي ڪارڊي سرجنز ۽ انٽروينشنلسٽس اين آءِ سي وي ڊي ڪراچي ۽ صوبي جي ٻين شهرن ۾ قائم سيٽ لائيٽ سينٽرز ۾ 2022 دوران انجام ڏنا.

هن چو ته اين آءِ سي وي ڊي ملڪ جو واحد دل جي مرضن جو ادارو آهي جنهن جي مرڪزي سينٽر ڪراچي ۽ ٻين شهرن ۾ قائم سيٽ لائيٽ سينٽرز ۾ رڳو 2022 ۾ 3641 ڪارڊيڪ سرجريز ۽ 74758 کان وڌيڪ جديد پروسيجرز بلڪل مفت انجام ڏنيا ويا.

ترجمان جو چوڻ هو ته اين آءِ سي وي ڊي ڪراچي دنيا ۾ دل جي دوري دوران انجيو پلاسٽي (پرائمري پي سي آءِ) سڀ کان وڌيڪ سرانجام ڏيندڙ اداروبڻجي چڪو آهي، 2022 ۾ اين آءِ سي وي ڊي ڪراچي ۾ 9466 پرائمري پي سي آءِ سرنجام ڏنيون ۽ 86 اسٽروڪ انٽروينشنز پراسيجرز ڪيا ويا.

اين آءِ سي وي ڊي ڪراچي ۾ 2022 دوران مريضن جي انگن اکرن جي حوالي سان هن وڌيڪ چيو ته اين آءِ سي وي ڊي ڪراچي ۾ گذريل سال دوران 1138240 مريضن کي علاج جون مفت سهولتون ڏنيون.

هن ٻڌايو ته 2022 دوران اين آءِ سي وي ڊي ڪراچي ۾ 304414 مريض او پي ڊي، جڏهن ته 276865 مريض ايمرجنسي جي سهولتن مان لاڀ ورتو ۽ 51162 کان وڌيڪ مريض داخل ٿيا ۽ 20 مريضن جو جديد طريقي ڪار Minimally Cardiac Surgery سان علاج ڪيو ويو.

ترجمان وڌيڪ ٻڌايو ته اين آءِ سي وي ڊي سسٽم م سال 2022 دوران ٻين صوبن مان 275568 مريض آيا جن کي مفت علاج ڏنو ويو.

ترجمان جو چون هو ته اين آءِ سي وي ڊي ڪراچي کانسواءِ هي ادارو صوبي جي ٻين شهرن، لاڙڪاڻي، ٽنڊي محمد خان، حيدرآباد، سيوهڻ، سکر، نوابشاهه، مٺي، خيرپور ۽ لياري ۾ به دل جي مرضن جو جديد ۽ مهانگو علاج بلڪل مفت فراهم ڪرڻ ۾ مصروف آهي. سمورن سيٽ لائيٽ سينٽرز تي علاج، تشخيصي سهولتون، جديد پروسيجرز جون سهولتون آهن جڏهن ته سکر، ٽنڊو محمد خان، حيدرآباد ۽ لاڙڪاڻي ۾ دل جي باءِ پاس سرجريز جون سهولتون آهن ۽ 2022 دوران انهن سينٽرز ۾ 873 ڪارڊيڪ سرجريز انجام ڏنيون ويون جن ۾ ٻار به شامل آهن.

هن ٻڌايو ته سنڌ ۾ اين آءِ سي وي ڊي سيٽ لائيٽ سينٽرز کانسواءِ سيني جي تڪليف جي فوري ۽ مفت علاج لاءِ چيسٽ پين يونٽس به قائم ڪيا ويا آهن جيڪي ڪراچي، گهوٽڪي، ٽنڊو باگو، جيڪب آباد، عمرڪوٽ، ٽنڊو الهيار، ميرپورخاص ۽ شڪارپور ۾ قائم آهن. اهڙي ريت صوبي ۾ 24 چيسٽ پين يونتش مريضن کي ڏينهن رات علاج جون فوري خدمتون فراهم ڪري رهيا آهن.

هن وڌيڪ ٻڌايو ته انهن چيسٽ پين يونٽس ۾ سال 2022 دوران 295634 مريضن کي مفت علاج فراهم ڪيو ويو جڏهن ته 7662 مريض دل جي دوري سان انهن چيسٽ پين يونٽس تي آيا هئا جن کي فوري طبي امداد بعد انجيوپلاسٽي لاءِ مرڪزي سينٽر منتقل ڪري انهن جي انجيوپلاسٽي سرانجام ڏئي انهن جي حياتي بچائي وئي، ڪراچي ۽ ٻين شهرن ۾ وڌيڪ 10 چيسٽ پين يونٽس قائم ڪيا ويندا.

اين آءِ سي وي ڊي جي ايگزيڪٽو ڊائريڪٽر پروفيسر نديم قمر جو چوڻ هو ته اسان جو مقصد سڄي صوبي جي مريضن کي انهن جي گهرن ويجهو دل جي مرضن جو مهانگو ۽ جديد علاج مفت فراهم ڪرڻ آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.