خوشگوار شادي شده زندگي، ڪهڙين ڳالهين جو خيال رکڻ گهرجي؟

 

زال ۽ مڙس جو رشتو انتهائي اهم هوندو آهي ۽ شادي شده زندگي کي خوشگوار رکڻ لاءِ ماهر ڪجهه معمولي عادتون اختيار ڪرڻ جي صلاح ڏين ٿا.

سماجي ماهرن موجب ڪو به تعلق ۽ رشتو پريشانين کان مڪمل خالي نٿو ٿي سگهي، شادي شده زندگي ۾ ڪيترائي مسئلا به پيدا ٿيندا آهن پر جيڪڏهن توهان مضبوط ۽ خوشگوار لاڳاپن لاءِ جادوئي نسخي جي ڳولا ۾ آهيو ته هتي ماهرن جي راءِ ڄاڻيون ٿا، جيڪا توهان لاءِ انتهائي فائديمند هوندي.

عالمي ويب سائيٽ جي هڪ مضمون موجب جڏهن توهان پنهنجي جيون ساٿي کي ڪو ڪم چوندا آهيو ته ان کي ”مهرباني“ جهڙو لفظ ضرور چئو، اهو اخلاق جي زمري ۾ اچي ٿو ۽ زال مڙس کي هڪٻئي سان اخلاق سان پيش اچڻ گهرجي، ان سان نه رڳو لاڳاپا مستحڪم ٿيندا پر انسان خوش به رهندو آهي.

ان کانسواءِ ان ڳالهه جو خيال رکيو وڃي ته سوشل ميڊيا تي تفصيل شيئر نه ڪرڻ گهرجن، جيئن ماڻهو شادي جي پهرين سالگرهه، آئس ڪريم ۽ ڪافي بابت پوسٽ شيئر ڪندا آهن، اهڙيون پوسٽون ڪڏهن ڪڏهن شڪ شبهن کي جنم ڏينديون آهن.

هڪ تحقيق موجب جيڪي جوڙا سوشل ميڊيا پليٽ فارم تي هر تفصيل شيئر ڪندا آهن، اڪثر انهن کي پنهنجي عدم تحفظ جو احساس هوندو آهي، جڏهن ته پنهنجي رشتي کي به غير محفوظ سمجهندا آهن.

هڪ ٻي تحقيق ۾ ٻڌايو ويو آهي ته زال ۽ مڙس ۾ ويجها لاڳاپا به ضروري آهن، هتي اسان جسماني لاڳاپن جو ذڪر نه ڪري رهيا آهيون پر مثال طور گهر ۾ فلم ڏسڻ دوران هٿ پڪڙڻ، ائين ڪرڻ سان زال ۽ مڙس ۾ محبت قائم رهندي آهي ۽ لاڳاپا مستحڪم رهندا آهن.

هڪ سروي موجب جيڪي جوڙا گڏجي گهريلو ڪم ڪندا آهن، انهن جا لاڳاپا وڌيڪ مستحڪم ۽ خوشگوار رهندا آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.