”عمران خان ٽي ٽي پي تي هلڪو هٿ رکيو، اسان دهشتگردن سان ڳالهيون نه ڪنداسين“

 

ڊيووس (ويب ڊيسڪ) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته جيڪڏهن پ پ چونڊون کٽي ٿي ته وزيراعظم طور گڏيل حڪومت ٺاهڻ جي ڪوشش ڪندس.

آمريڪي اخبار کي انٽرويو ڏيندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته دهشتگردي کي منهن ڏيڻ جو واحد رستو جمهوريت آهي، اسان وزيراعظم شهباز شريف سان صدر بائيڊن جي وڌيڪ رابطن جي اميد رکون ٿا.

هن چيو ته افغانستان هڪ حقيقت آهي، اسان کي عبوري افغان  حڪومت سان اڳ کان وڌيڪ رابطا رکڻ جي ضرورت آهي، دهشتگردي جي چئلينج تي فوجي ۽ سياسي قيادت واضح موقف رکي ٿي، افسوس ته عمران خان جي حڪومت ٽي ٽي پي تي هلڪو هٿ رکيو، عمران خان نه رڳو ٽي ٽي پي وارن کي آزاد ڪيو پر انهن سان ڳالهيون به ڪيون، ان معاملي تي اسان واضح آهيون، ڪنهن به دهشتگرد تنظيم سان ڪا ڳالهه ٻولهه نه ٿيندي.

سندس چوڻ هو ته پاڪستان ۽ افغانستان پنهنجي سر دهشتگردي جو مقابلو نٿا ڪري سگهن، ٻئي ملڪ دهشتگردي جو شڪار آهن، ٻنهي کي گڏجي مقابلو ڪرڻو پوندو.

You might also like
1 Comment
  1. علي بروھي / Ali Brohi says

    ”عمران خان ٽي ٽي پي تي هلڪو هٿ رکيو، اسان دهشتگردن سان ڳالهيون نه ڪنداسين“
    Mohsin Dawar Interesting Speech In National Assemblyhttps://www.youtube.com › watch
    Mohsin Dawar Interesting Speech In National Assembly 24 News HD is one of the leading news channels of Pakistan bringing you
    محسن داوڙ ٽي ٽي پي (ليڊر) اڳواڻ امپورتيڏ حڪومت دوران قومي اسيمبليءَ جي سيشن منجھ بلاول زرداريءَ سان ڪلھو ڪلھي ۾ ملائي گڏ ويٺل ھو، ماڻھن سمجھيو ته شايد پ پ پ ۾ شموليت اختيار ڪيو اٿس، عمران خان جي حڪومت دوران اسيمبليءَ ۾ نظر ڪون آيا پئي. اھو پيار ۽ محبت ڀريو ڀاڪر ھو. يا عمران خان جو هلڪو هٿ، اھا ڳالھ گنگارام جي سمجھ ۾ ڪونَ آئي، کولي سمجھايو ڏھ مارڪون رکيل آھن!!!!!؟؟؟؟؟

Leave A Reply

Your email address will not be published.