نوڪيا جو 2023 ۾ سستي فون سان ڌماڪو

 

نوڪيا سال 2023 جو پنهنجو پهريون سستو فون پيش ڪري ڇڏيو، جنهن کي فيچرن جي حوالي سان بهتر قرار ڏنو پيو وڃي.

ڪمپني ”نوڪيا سي 12“ کي پيش ڪيو آهي، جنهن کي ڪمپني 2021 ۾ پيش ڪيل پنهنجي فون ”سي 10“ جو سيڪوئل قرار ڏنو آهي.

فون ۾ ڪيترائي فيچر ۽ ٽيڪنالاجي اپ ڊيٽ ڪئي وئي آهي، ٻين ڪمپنين جي ڀيٽ ۾ نوڪيا ان فون جي بيڪ تي رڳو هڪ ئي ڪئميرا ڏني آهي.

نوڪيا سي 12 کي 6.3 انچ اسڪرين سان پيش ڪيو ويو آهي، ان ۾ فرنٽ تي به هڪ ڪئيمرا آهي.

فون جي بيڪ تي 8 ميگا، جڏهن ته فرنٽ تي 5 ميگا پڪسل ڪئميرا ڏني وئي آهي، گڏوگڏ ڪمپني دعويٰ ڪئي آهي ته اهي ڪئميرائون باقي فونز جي ٻن ڪئميرائن کان به بهتر رزلٽ ڏيڻ جي قابل آهن.

فون کي 2 ۽ 4 جي بي جي ٻن مختلف ماڊيولز ۾ پيش ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ان ۾ 64 جي بي ريم ڏني وئي آهي.

نوڪيا سي 12 ۾ 3 هزار ايم اي ايڇ جي بيٽري کي 33 واٽ جي فاسٽ چارجر سان متعارف ڪرايو ويو آهي.

اوڪٽاڪور جو سي پي يو رکندڙ فون ۾ اينڊرائيڊ 12 گو جو جديد آپريٽنگ سسٽم ڏنو ويو آهي ۽ ان کي ڪاري ۽ نيري رنگن ۾ پيش ڪيو ويو آهي.

ڪمپني موجب هلندڙ سال جي ان سستي ترين فون ۾ فور جي نيٽ ورڪ جي سپورٽ ڏني وئي آهي ۽ ان کي شروعاتي طور ڪجهه يورپي ملڪن ۾ پيش ڪيو ويو آهي.

فون جي قيمت پاڪستاني 29 هزار رپيا رکي وئي آهي ۽ امڪان آهي ته جلد ان کي پاڪستان ۾ به پيش ڪيو ويندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.