ڇا توهان کي به ٿڌ تي مٿي ۾ سُور پوندو آهي؟ گهر ويٺي علاج ڪيو

ڇا توهان کي به ٿڌ تي مٿي ۾ سُور پوندو آهي؟

سياري جي مند ۾ مٿي جو سور عام ڳالهه آهي، جيڪڏهن اهو شدت اختيار ڪري وڃي ته ڊاڪٽرن جي تجويز تي مهانگيون مهانگيون دوائون خريد ڪرڻيون پئجي وينديون آهن پر ڪجهه اهڙا گهريلو ٽوٽڪا به آهن، جيڪي توهان کي فوري طور راحت پهچائيندا.

اهي گهريلو ٽوٽڪا ڪهڙا آهن؟ اچو ته ڄاڻي وٺون

ڪيفين جو استعمال

سياري ۾ مٿي جي سور کان بچڻ لاءِ گرم شين جو استعمال ضروري آهي، مٿي ۾ سور هجي ته اڪثر چانهه يا ڪافي جي تجويز ڏني ويندي آهي، ڇو ته ڪيفين جو استعمال دماغ کي پرسڪون رکڻ سان گڏوگڏ ذهني دٻاءَ کي گهٽ ڪرڻ ۾ به مدد ڏيندو آهي.

هلڪي گرم تيل سان مالش

جيڪڏهن توهان کي نزلي ۽ زڪام سبب مٿي ۾ سور پوندو آهي ته هلڪي گرم تيل سان مالش توهان لاءِ فائديمند ثابت ٿيندي.

وڌيڪ آرام ڪيو

آرام جو مطلب رڳو سمهڻ ناهي هوندو، ڪجهه نه ڪرڻ ۽ ليٽي پوڻ به آرام ۾ شمار ٿيندو آهي، آرام مٿي ۾ سور کان ڇوٽڪاري جو بهترين علاج آهي.

سُنڍ جو ڪاڙهو

سُنڍ جو ڪاڙهو مٿي جو سور ڇڏائڻ سان گڏوگڏ جسم ۾ گرمي به برقرار رکي ٿو، ان کانسواءِ سوڄ کي گهٽ ۽ دفاعي نظام کي مضبوط بڻائي ٿو، سُنڍ کي پاڻي ۾ اُٻاري ماکيءَ سان گڏ استعمال ڪري سگهجي ٿو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.