بي رحم ماءُ پنهنجي عاشق سان گڏجي ڌيءَ کي هلندڙ ريل مان هيٺ اڇلائي ڇڏيو، انتهائي افسوسناڪ واقعو

 

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارت ۾ هڪ پرڻيل عورت عاشق سان گڏجي پنهنجي ٽن ورهين جي ڌيءَ کي قتل ڪرڻ کانپوءِ هلندڙ ريل تان هيٺ اڇلائي ڇڏيو.

اهو افسوسناڪ واقعو ڀارتي رياست راجسٿان جي شهر سري گنگا نگر ۾ پيش آيو، پوليس موجب عورت پنهنجي عاشق جي مدد سان ٽن ورهين جي ڌيءَ کي قتل ڪيو ۽ پوءِ ٻئي لاش بيڊ شيٽ ۾ ويڙهي سري گنگا نگر ريلوي اسٽيشن کڻي ويا، جتان اهي ٽرين تي چڙهيا ۽ عورت ڌيءَ جي مڙهه کي هلندڙ ريل مان هيٺ ڦٽو ڪري ڇڏيو.

جوابدارن جي سڃاڻپ سنيتا ۽ سني عرف مالتا جي نالن سان ٿي آهي، ٻنهي کي گرفتار ڪيو ويو آهي ۽ انهن ڏوهه جو اعتراف پڻ ڪيو آهي.

پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدارن جو ارادو لاش کي ڍنڍ ۾ اڇلائڻ جو هو پر اهو ريلوي لائنز تي ڪِريو، جنهن کانپوءِ پوليس کي اهڙو اطلاع ڏنو ويو.

رپورٽ موجب سنيتا جا 5 ٻار آهن، هوءَ ٻن ڌيئرن ۽ پنهنجي عاشق سني سان گڏ شاستري نگر ۾ رهندي هئي، جڏهن ته ٻيا ٻار پيءَ سان رهندا آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.