پاڪستاني فلم ”گلابو راني“ عالمي اعزاز ماڻي ورتو

 

لاس اينجلس (ويب ڊيسڪ) پاڪستاني فلمساز عثمان مختار جي مختصر فلم ”گلابو راني“ ايل اي سائنس فڪشن اينڊ هارر فيسٽيول 2022 ۾ ايوارڊ پنهنجي نالي ڪري ورتو.

فلمساز پنهنجي سوشل ميڊيا اڪائونٽ تي اهڙي خبر شيئر ڪئي، جنهن تي مداحن طرفان کيس مبارڪن جو سلسلو شروع ٿي ويو.

هن ڪيپشن ۾ لکيو ته مان اهو اعلان ڪندي انتهائي خوش آهيان ته ”گلابو راني“ ايل اي سائنس فڪشن اينڊ هارر فيسٽيول ۾ بهترين مختصر فلم جو ايوارڊ کٽيو آهي، مون کي پنهنجي مڪمل ٽيم تي فخر آهي.

واضح رهي ته ان فلم جي ڪهاڻي هڪ آصيبي هاسٽل جي چوڌاري گهمي ٿي ۽ فلم ۾ اساما جاويد حيدر، معراج حق، دانيال خاقان، عمر عبدالله ۽ نتاشا حميرا به اهم ڪردار ادا ڪيو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.