واٽس ايپ پنهنجي اسٽيٽس فيچر ۾ نواڻ آڻي ڇڏي

 

واٽس ايپ طرفان تمام جلد واهپيدارن کي آڊيو اسٽيٽس لڳائڻ جي سهولت فراهم ڪئي ويندي.

WABetaInfo جي رپورٽ موجب ميٽا جي ملڪيت هيٺ ڪمپني طرفان آڊيو اسٽيٽس جو فيچر بيٽا ورزن ۾ متعارف ڪرايو ويو آهي.

اينڊرائيد ڊوائسز لاءِ واٽس ايپ جي بيٽا ورزن ۾ وائس اسٽيٽس نالي فيچر ڏنو ويو آهي.

ان فيچر سان واهپيدار ٽيڪسٽ بدران وائس نوٽس کي رڪارڊ ڪري اسٽيٽس طور پوسٽ ڪري سگهندا.

وائس اسٽيٽس لاءِ 30 سيڪنڊ يا ان کان گهٽ وقت جي آڊيو کي رڪارڊ ڪري سگهبو.

جيڪڏهن توهان کي پنهنجو آواز نه وڻي ته ان اسٽيٽس کي پوسٽ ڪرڻ بدران ڊس ڪارڊ ڪري ٻيو وائس اسٽيٽس رڪارڊ ڪرڻ به ممڪن هوندو.

اهو وائس اسٽيٽس پوسٽ ٿيڻ جي 24 ڪلاڪن کانپوءِ پاڻ ئي گم ٿي ويندو يا واهپيدار پاڻ به ڪنهن به وقت ان کي ڊليٽ ڪري سگهي ٿو.

اهو فيچر في الحال ايپ جي بيٽا ورزن ۾ دستياب آهي ۽ عام واهپيدارن تائين ان جي پهچ ۾ ڪجهه وقت لڳي سگهي ٿو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.