حيدرآباد: موٽر سائيڪل سوارن جي فائرنگ، سنڌ يونيورسٽي جي بس جو ڊرائيور مارجي ويو

 

حيدرآباد (ويب ڊيسڪ) حيدرآباد ۾ سنڌ يونيورسٽي جي بس جو ڊرائيور فائرنگ ۾ مارجي ويو.

ايس ايس پي حيدرآباد امجد شيخ موجب حيدرآباد جي بلديات ٿاڻي جي حدن ۾ سٽي گيٽ ڀرسان فائرنگ جو واقعو پيش آيو، جتي موٽر سائيڪل تي سوار ٻن جوابدارن سنڌ يونيورسٽي جي بس جي ڊرائيور کي قتل ڪري ڇڏيو، جنهن جي سڃاڻپ 50 ورهين جي غلام علي جي نالي سان ٿي آهي.

پوليس ٻڌايو ته بس تي فائرنگ نه ڪئي وئي، ڊرائيور جڏهن بس بيهاري هوٽل تان پاڻي پيئڻ لاءِ لٿو ته جوابدارن کيس گوليون هنيون.

امجد شيخ موجب شروعاتي جاچ ۾ اها ڳالهه سامهون آئي آهي ته واقعو خانداني تڪرار ۽ غيرت جي نالي تي قتل جو آهي، جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڪوششون ڪيون پيا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.