سائنسدانن کي دنيا جو سڀ کان وڏو ڏيڏر هٿ، وزن ڪيترو اٿس؟

 

ڪينبرا (ويب ڊيسڪ) آسٽريليا جي اتر رين فاريسٽ ۾ دنيا جو سڀ کان وڏو ڏيڏر هٿ آيو، جنهن کي ڏسي اختياريون به حيران ٿي ويون.

پرڏيهي ميڊيا موجب ڪوئنز لينڊ ڊپارٽمينٽ آف انوائرنمينٽ اينڊ سائنس جي اختيارين اهڙو ڏيڏر هٿ ڪيو آهي، جنهن کي دنيا جو سڀ کان وڏو ڏيڏر تصور ڪيو پيو وڃي ۽ ان جو واسطو ڪين ٽوڊ جي نسل سان آهي.

رپورٽن موجب ان مانسٽر جهڙي ڏيڏر جو نالو ٽوڊزيلا رکيو ويو آهي، جيڪو پنهنجي نسل کان ڇهوڻ تي وڏو آهي، ان جو وزن 2.7 ڪلو ٻڌايو پيو وڃي.

ميڊيا رپورٽن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته اختيارين ڏيڏر کي جهنگ مان ڪڍي محفوظ ڪري ورتو آهي ۽ ان کي ڪوئنزلينڊ ميوزيم ۾ موڪليو ويندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.