ڪرڪ مندر ڪيس، رميش ڪمار جي درخواست تي جوابدارن کان ريڪوري روڪڻ جو حڪم

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ اقيلتي اڳواڻ جي اپيل تي خيبر پختونخواهه جي ضلعي ڪرڪ ۾ مندر ساڙيندڙن کان ريڪوري روڪڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

ڪرڪ تيري مندر کي نقصان پهچائڻ بابت پاڻمرادي نوٽيس ڪيس جي ٻڌڻي سپريم ڪورٽ جي جسٽس اعجاز الاحسن جي سربراهي ۾ ٻه رڪني بئنچ ڪئي.

اقليتي اڳواڻ رميش ڪمار سپريم ڪورٽ ۾ پيش ٿيو ۽ عدالت کي ٻڌايو ته ڪرڪ تيري مندر اڏجي چڪو آهي، علائقي ۾ هاڻ هندن ۽ مسلمانن ۾ سٺي هم آهنگي آهي.

هن چيو ته عدالت مندر کي نقصان پهچائيندڙن کان ريڪوري جو حڪم ڏنو هو، صوبائي حڪومت ڪجهه ريڪوريون ڪيون آهن، عدالت مناسب سمجهي ته ريڪوري جو سلسلو روڪي ڇڏي، ڇو ته جوابدارن معافي گهري آهي.

عدالت اقليتي اڳواڻ جي اپيل تي جوابدارن کان ريڪوري روڪڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

واضح رهي ته سپريم ڪورٽ مندر ساڙيندڙن کان 3 ڪروڙ 30 لک رپيا ريڪور ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.