سنڌ هاءِ ڪورٽ شهرين جي گمشدگي جو ڪيس فوري طور داخل ڪرڻ جو حڪم

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ هاءِ ڪورٽ شهرين جي گمشدگي جو ڪيس فوري طور داخل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ گم ٿيلن جي آزادي بابت درخواستن تي ٻڌڻي جسٽس نعمت الله ڦلپوٽي ڪئي.

جسٽس نعمت الله ڦلپوٽي شهرين جي گمشدگي تي فوري طور ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏيندي چيو ته جنهن علائقي مان شهري گم ٿئي، لاڳاپيل ٿاڻي ۾ فوري طور ڪيس داخل ڪيو وڃي.

عدالت ايس ايڇ او شاهه لطيف کي حڪم ڏنو ته گم ٿيل شهري مير علي حيدر جي گمشدگي جو ڪيس داخل ڪري جاچ ڪئي وڃي.

سنڌ هاءِ ڪورٽ حيدر علي جي فوري طور آزادي جو حڪم ڏنو، جڏهن ته درخواستگذار جي وڪيل ٻڌايو ته گم ٿيل شهري منظور احمد گهر پهچي ويو آهي، گمشدگي دوران منظور احمد خلاف ڪيس داخل ڪيا ويا.

عدالت اسٽيل ٽائون مان گم منظور احمد جي گمشدگي جي درخواست اڪلائي ڇڏي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.