ڪشمير تي گڏيل قومن جا ٺهراءَ رڳو ڪاغذي رهجي ويندا آهن: بلاول ڀٽو زرداري

 

ڊيووس (ويب ڊيسڪ) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته نيو ورلڊ آرڊر سبب ترقي پذير ملڪ ڏکيائين جو شڪار آهن.

ڊيووس ۾ ورلڊ اڪنامڪ فورم دوران سيڪيورٽي ۽ ڪوآرڊينيشن جي موضوع تي سيشن دوران خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته نيو ورلڊ آرڊر سبب ايشيائي ملڪ، خاص طور ترقي پذير ملڪ ڏکيائين جو شڪار آهن، ٽين دنيا جي معيشت دٻاءَ جو شڪار آهي.

هن چيو ته پاڪستان موسمياتي تبديلي سميت مختلف چئلينجن کي منهن ڏئي رهيو آهي، ڪو به ملڪ چئلينجن کي اڪيلي سر منهن نٿو ڏئي سگهي، ان کي ٻين ملڪن جو سهڪار گهربل هوندو آهي.

سندس چوڻ هو ته روس يوڪرين تڪرار سبب دنيا ۾ گئس مهانگي ٿي، انساني تڪرار جنم ورتو، جنگ جا دنيا تي ناڪاري اثر پيا، ان معاملي تي پاڪستان جو موقف واضح آهي، پاڪستان ڪنهن جنگ جي حق ۾ ناهي ۽ تڪرار جي حل جو خواهشمند آهي، پاڪستان جو موقف آهي ته جنگ سان غربت ۽ بيروزگاري کانسواءِ ڪجهه ناهي مليو.

بلاول ڀٽو زرداري چيو ته يوڪرين معاملي تي گڏيل قومن جي ٺهرائن تي عمل ٿيندو آهي پر افسوس اولهه لاءِ ڪشمير تي گڏيل قومن جا ٺهراءَ رڳو ڪاغذي رهجي ويندا آهن، ڪشميري به آزادي لاءِ دنيا ڏانهن واجهائي رهيا آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.