ڊگهڙي ۾ آفر آرڊر نه ملڻ خلاف پٽيشن تي هاءِ ڪورٽ نوٽيس ورتو

ڊگھڙي  (ن ع آ) ڊگھڙي ۾ سنڌ ھاءِ ڪورٽ سکر بينچ 4 سال اڳ ايس آر پي پوليس ۾ پي ٽي ايس ذريعي ميرٽ تي سموريون ٽيسٽون پاس ڪندڙ 1616 اميدوارن کي آفر آرڊر نه ملڻ خلاف اميدوارن جي فرياد تي داخل پٽيشن تي سنڌ ھاءِ ڪورٽ سکر بينچ گھرو کاتي جي سيڪريٽري، آءِ جي سنڌ پوليس، ڊي آءِ جي ايس آر پي سميت پي ٽي ايس جي عملي کي 15 مارچ 2023 تي طلب ڪري ڪيس جي وضاحت گھري ورتي آهي، سنڌ ھاءِ ڪورٽ سکر بينچ جي اھڙي نوٽيس کانپوءِ ايس آر پي ويٽنگ لسٽ اميدوارن ۾ خوشي جي لھر ڇانئجي وئي آهي، ان سلسلي ۾ اميدوارن جاويد شر، ڌڻي بخش نصيراڻي، مھتاب شر، جازيب ڊومڪي، راول ابڙينگ سلمان سنجراڻي، عبدالجبار سانگي شڪيل احمد جوڻيجو محمد صادق ، نويد چاچڙ، نادر علي شابراڻي ،سعيد الله چنو  ۽ ٻين چيو ته اسان نھايتي شڪر گذار آهيون ماھر قانون ايڊووڪيٽ عالم شير بوزدار جا جنھن اسان جو ڪيس سنڌ ھاءِ ڪورٽ سکر بينچ ۾ داخل ڪرايو اسان پراميد آهيون ته ڪورٽ سڳوري اسان ميرٽ تي پاس سمورن اميدوارن سان انصاف ڪندي ۽ جلد اسان کي آفر آرڊر ڏياري اسان ايس آر پي ويٽنگ اميدوارن مان بيچيني ختم ڪئي ويندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.