پڊعيدن ۾ ڳوٺاڻي جو پٽ سميت اي ايس آءِ خلاف احتجاج

پڊعيدن ( ن ع آ )پڊعيدن لڳ ڳوٺ عبدالحڪيم ملو راڄپر جي رهواسي حافظ فتح محمد راڄپر جو پنهنجي پٽ عرفان راڄپر ۽ڀائٽي فيصل راڄپر سان گڏ، استاد جعفر راڄپر، گلزار راڄپر، اي ايس آء عظيم راڄپر جي ناجائزين  خلاف احتجاج ڪيو، ان موقعي تي حافظ فتح محمد راڄپر ميڊيا کي ٻڌايو ته ڪجهه ٽائيم اڳ استاد جعفر ۽ گلزار راڄپر وارن جي چوري ٿي هئي جنهن ۾ هنن شھر جا ڪيترائي ماڻھو ٻڌرايا هئا ۽ اسان کي به تنگ ڪري رهيا هئا جنهن کان پوءِ اسان ٻنهي ڌرين جو فيصلو ڪرونڊي ۾ پ پ اڳواڻ ڊاڪٽر سليم شوڪت راڄپر وٽ ٿيو جنهن ۾ شھر جا معزز شخصيت فيصلي ۾ موجود هئا اي ايس آءِ عظيم راڄپر وارن اسان جي ڇوڪرن کي مٽياري پوليس کان ٻڌرائي انهن تي پڊعيدن ٿاڻي تي ڪورو ڪيس داخل ڪرائي ڇڏيو آهي، آءِ جي سنڌ، ايس ايس پي نوشهرو نوٽيس وٺي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.