خيرپور ڀرسان هٿياربندن جي ڪاهه، مينهون ڪاهڻ جي ڪوشش

خيرپور/ پريالو (نمائندا) خيرپور ضلعي ۾ بدامني ۾ مسلسل اضافو شهري واپاري غير محفوظ بڻجي ويا نامعلوم هٿياربندن گهر ۾ داخل ٿيمينهون ڦر ڪرڻ جي ڪوشش، مزاحمت تي هٿياربندن جي فائرنگ ۾ گهر ڌڻي عبيدالله پٽ غلام نبي ڪنڌر گوليون لڳڻ سبب سخت زخمي ٿي پيو جنھن کي ڳڻتيءَ جوڳي حالت ۾ سول اسپتال خيرپور جي ايمرجنسي وارڊ ۾ منتقل ڪيو ويو جنھن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي جڏهن ته هٿياربند فرار ٿي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا، جڏهن ته گذريل چوويھ ڪلاڪن دوران مختلف علائقن مان چورين، ڦُرن سميت ويھ ڏوهاري وارداتون ٿيون آهن، بدامني ۾ اضافي سبب واپاري ۽ شهري سخت پريشان ٿي ويا، ان سلسلي ۾ ساڃاهه وندن جو چوڻ آهي ته شهرين جي جان ۽ مال غير محفوظ بڻيل آهي، جڏهن ته خيرپور ضلعي جي پوليس نه ھجڻ جي برابر آهي جڏهن ته شهر هجن يا شاهراهون ۽ گھر کان ٻاهر نڪرندي ئي خوف ٿئي ٿو، ھنن ايس ايس پي خيرپور کان مطالبو ڪيو ته شھر ۾ امن امان قائم ڪرائي بيچيني ختم ڪرائي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.