خيرپور ۾عورتن، مردن ۽ ٻارن جو پاڪ ڪتاب کڻي نوجوان جي آزاديءَ لاءِ احتجاج

خيرپور( ڊ ر) بي سيڪشن ٿاڻي جي حد ڳوٺ امير بخش ڪانڌڙو جي رهواسين عورتن مردن ۽ ٻارڙن جو پاڪ ڪتاب کڻي اغوا ٿيل نوجوان راحب ڪانڌڙو جي بازيابي لاءِ احتجاجي مظاهرو جنھن جي اڳواڻي منٺار ڪانڌڙو، حميد ڪانڌڙو، مجاھد ڪانڌڙو، مسمات ليلا، مسمات امام ڏني ۽ ٻيا ڪري رھيا ھئا جن صحافين کي ٻڌايو ته ڳوٺ امير بخش ڪانڌڙو ڀرسان ڪار ۾ سوار هٿياربندن منور ڪانڌڙو، ستار، انور ڪانڌڙو ۽ شڪيل هٿيارن جي زور تي نوجوان راحب علي پٽ منٺار علي کي گذريل ڏينهن اغوا ڪري کڻي ويا آهن، جڏهن ته ٻه ڏينهن گذرڻ باوجود نوجوان جو ڪو به پتو نه پئجي سگهيو آهي شڪ آهي هٿياربند نوجوان کي ماري ڇڏيندا، جڏھن اسان ٿاڻي تي فرياد کڻي وياسين ته پوليس هٿياربند جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، ھنن ڊي آءِ جي سکر ۽ ايس ايس پي خيرپور کان مطالبو ڪيو ته نوجوان راحب ڪانڌڙو کي اغوا ڪندڙ هٿياربندن خلاف ڪارروائي ڪري نوجوان کي بازياب ڪرائي انصاف ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.