قاضي احمد ۾سرڪاري اٽي جو اسٽال غريبن لاءِ بي لاڀ بڻيل، رهواسي هٿين خالي واپس

قاضي احمد (ن ع آ)  قاضي احمد شھر ۾ ڊي سي پاران لڳايل سرڪاري ڏھ ڪلو جي بيگ جو ريٽ 650 رپيا سستي اٽي جو اسٽال لڳل آهي جنهن جو انچارج بااثر فوڊ انسپيڪٽر محمد رمضان لاکو جو پٽ اعجاز علي لاکو مقرر جيڪو فون ۽ من پسند ماڻهن کي اٽو ڏيڻ لڳو آهي، عام غريب مسڪين ماڻهو ڊيلي اٽي لاءِ سڄو سڄو ڏينهن انتظار ڪري واپس ھٿين خالي گھر موٽڻ تي مجبور اسٽال تي موجود غريب مسڪين غربت کان متاثر ماڻهن وڏي وزير، ڊي سي شھيد بينظيرآباد آباد کان مطالبو ڪيوآهي ته  قاضي احمد اسٽال جي انچارج اعجاز لاکو کي ھٽائي ڪو ايماندار ماڻهو مقرر ڪيو وڃي ته ضرورتمند مسڪين ماڻهن کي سستو اٽو رسائي ڪري سگهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.