جوهي ۾سن واقعي خلاف ٻئي ڏينهن به ايس يو پي جو احتجاج

جوهي ( ن ع آ ) سن ۾ سائين جي ايم سيد جي 119 سالگره ملهائڻ تي جلسي ۾ عوام  تي رياستي ڏاڍ ظلم جبر گوليون هلائڻ تشدد ڪري گرفتاريون ڪرڻ خلاف سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي ڏنل احتجاجي سڏ تي ٻئي ڏينهن تي به قوم پرست ڌرين جي اڳواڻن ايس يو پي تعلقه جوهي جي صدر غلام قادر لغاري ، خادم حسين باهوٽو،  ايس ٽي پي جي يونس سولنگي, پي ٽي آ# جي  امين وگهيو ، ايوب لغاري  ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري جوهي دادومين روڊ تي ڌرڻو هنيو، اڳواڻن پنهنجي گڏيل خطاب ۾ الزام ھڻندي چيو ته سنڌ حڪومت کان قوم پرست جي ڪاميابي ۽ سياسي سچ برداشت ۽ ھضم نه ٿيڻ ڪري پر امن سن سائين جي ايم سيد جي سالگره تي بنا جواز غنڊھ گردي ڪري  نظرياتي ڪارڪن ۽ نياڻين مٿان گوليون هلائي سخت تشدد ڪندي ڪافي ڪارڪن کي گرفتار ڪيو ويو، سنڌ حڪومت سن ۾ رينجرز ۽ پوليس جي چڙھائي ڪري سنڌي ماڻھن جي حقن جي ڳالهه ڪندڙن کان ليڪو ڪڍي ڇڏيو آھي، هنن چيو ته اسان جو صوبو سنڌ ملڪ جو آئيني قانوني حصو آھي جتي ڪروڙين سنڌي حڪمران ڌر کي ٽئڪس جي ادائگي به ڪن ٿا، رياست کي بلا جواز ايتري ڇوٽ ڏيڻ ۽ رڳو سنڌي ماڻھن تي تشدد مان سنڌ حڪومت سنڌي ماڻھن کي نيٺ ڪهڙو پيغام ڏيڻ چاهن ٿا، هنن چيو ته سنڌي قوم سدائين پر امن رهي آھي جنهن کي هٿ وٺي حق گهرڻ کان خاموش ڪئي ٿي وڃي، هنن چيو ته گرفتار ڪيل سمورن قومي ڪارڪنن کي آزاد ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.