مٽياري ۾ بيواهه جو بااثرن جي ظلمن خلاف احتجاج

مٽياري (ڊ ر ) کيبر ۾ مرحوم سيد پير نور شاه جي بيواھ مهناز بيبي ۽ سندس پٽ سيد آفتاب علي شاه جيلاني پنهنجي ٻني تي احتجاج ڪندي ميڊيا آڏو دانهيندي چيو ته گذريل  ساڍن چئن سالن کان اسانجي زمين تي حاجي فاروق سمون سان تڪرار هلندڙ آھي تقريبن چار ايڪڙن تي جهيڙو هلندڙ آھي ڪورٽ ۾ ڪيس پڻ هلندڙ آھي جڏهن ته گذريل ڏينهن اسان پنهنجي ٻني ۾ مڪائي جو فصل پوکي گهر وياسين ته پويان فاروق سمون پنهنجا ماڻھو هٿيارن سان وٺي آيو ۽ فصل کي ڀيلائڻ  لاء ٽيڪٽر به ڪاهي فصل کي نقصان پهچايو آھي، ايس ايس پي مٽياري کي اپيل ٿا ڪريون ته اسانکي  پنهنجو حق ڏياريو وڃي ۽ اسان سان انصاف ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.