راڻيپور ۾ مهيني دوران 15 کان وڌيڪ شهري ڦرجي ويا

سيٺارجا (ن ع آ) خيرپور ضلعي جي وڏي آبادي رکندڙ راڻيپور چورن حوالي هڪ مهيني دوران 15 کان وڌيڪ شهري لٽجي ويا جنهن ۾ مظهر، عبدالقيوم، ممتاز حسين سهتو، ذوالفقار علي سهتو، عرفان سهتو عبدالجبار چانگ سميت ٻيا شامل آهن جن کان موٽر سائيڪل موبائل فون، گهر مان چوري سميت ٻين وارڌاتن ۾ يڪدم اضافو اچي ويو آهي ايس ايڇ او راڻيپور رحمت الله سولنگي جي اچڻ سان چوريون ۽ ڦرون شروع ٿي ويون آهن، علائقي جي سڄاڻ ڌرين ۾ ڳڻتي جي لهر ڇانيل آهي، هنن چيو ته ايس ايڇ او چورن جوساٿاري آهي جنهن جي اچڻ سان علائقي ۾ ڏوهه شروع ٿي ويا آهن ڪيتريون ئي وارداتون ٿي چڪيون آهن پر هن مهل تائين ڪٿي به ڪاروائي ناهي ٿي، هنن چيو ته ايس ايس پي خيرپور جو دادلو ايس ايڇ او آهي جيڪو پڻ هن خلاف ڪابه ڪاروائي نه ٿو ڪري، شهري سرعام لٽجي ۽ ڦرجي رهيا آهن، هنن آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي سکر کان گهر ڪئي ته ڪرپٽ ۽ راشي ايس ايڇ او خلاف ڪاروائي ڪاروائي ڪري ڦر ۽ چوري ٿيل گاڏيون واپس ڪرائي ڏنيون وڃن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.