کوکراپار ۾اجتماعي زيادتي جي چئن جوابدارن کي عمر قيد جي سزا

کوکراپار(رپورٽ عنايت قمبراڻي) ٻه سال اڳ 12جنوري 2021 تي ميمڻ ڳوٺ ۾ 14 ورهين جي شاگردياڻي حديقا ميمڻ سان پاڙي جي چئن جوابدار نوجوانن  عديل ميمڻ، مزمل، آرض، ۽ سبحان ميمڻ اجتماعي زيادتي جو نشانو بڻائي سندس وڊيو ٺاهي هئي جنهن خلاف ميمڻ ڳوٺ ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪري جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو هو ان سلسلي ۾ پهريائين ڪيس ملير ڪورٽ ۽ بعد ۾ ڪيس دهشت گردي ٽوڙ عدالت ۾ 18 مهينا ڪيس هليو جنهن جو ڪالھ عدالت نمبر چار جي جج محمد الطاف اعواڻ الزام ثابت ٿيڻ تي چئن ئي جوابدارن  کي 25 سال ۽ واڌو پنج سال ڪل 30, سال عمر قيد جي سزا ٻڌائي کيس سينٽرل جيل اماڻي ڇڏيو ڪيس هلائيندڙ حديقا ميمڻ جي وڪيل محمد خان شيخ ٻڌايو ته ڪيس کي ثابت ڪرڻ لاءِ محنت ان ڪري ڪئي ته معاشري مان برايون ختم ٿي سگھن هن چيو ته جوبدارن کي سزا خلاف هڪ مهيني اندر اپيل جو حق آهي جڏهن ته متاثر نينگري جي والد جاويد ميمڻ جو چوڻ هو ته منهنجي نياڻي جي زندگي ته تباھ ٿي ويئي پر عدالت انصاف ڪري ڪيترين جي نياڻين جون حياتيون ۽ زندگيون خراب ٿيڻ کان بچائي ورتيون آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.