جهول ۾ بينظير انڪم سپورٽ جي رقم مان ڪٽوتي بند نه ٿي

جهول)رپورٽ: غلام نبي ملوڪائي) جهول شهر ۾ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي ايندڙ قسط مان ڪٽوتي ڪرڻ وارو مامرو رڪجي نه سگهيو، مستحق عورتن جي ايندڙ قسط مان 500 کان 2000 تائين ڪٽوتي سرعام ڪئي پئي وڃي، ڪيريا ڀائرن جي دڪانن تي ايڇ بي ايل جي رقم مان لکين روپين جي ڪٽوتي جو روزانو جي بنياد تي سلسلو جاري آهي، ڊوائز مافيا جو چوڻ آهي ته کين مٿي پيسا ڏيڻا پون ٿا، تنهن ڪري اتان جو ئي حڪم آهي ته هو ڪٽوتي ڪن. هوڏانهن جهول پوليس به حصو پتي وٺڻ بعد خاموش تماشائي بڻيل آهي، رشوت نه ڏيندڙ عورتون دربدر هونديون آهن، هتان جي ساڃاهه وندن ايڇ بي ايل اسسٽنٽ ڊائريڪٽر جي اهڙي عمل تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي. هنن بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي اعليٰ عملدارن کان گهر ڪئي آهي ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي ايندڙ قسط جي ورڇ کي منصفانه بڻائي ڪٽوتي ڪرڻ وارو سلسلو بند ڪرائي مسڪين مستحق عورتن سان انصاف ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.