خيرپور(ڊ ر) خيرپور ڀرسان وين جو موٽرسائيڪل کي ٽڪر، هڪ ڄڻو فوت ٿي ويو، 2 عورتون زخمي ٿي پيون، پراڻي قومي شاهراهه تي وين موٽر سائيڪل کي زوردار ٽڪر هنيو، حادثي جي نتيجي ۾ موٽرسائيڪل سوار سجاد ڪُٻر فوت ٿي ويو ۽ ٻه عورتون، سائرا ۽ زبيدا سخت زخمي ٿي پيون، جڏھن ته لاش ۽ زخمين کي سول اسپتال خيرپور منتقل ڪيو ويو، جڏهن ته لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو، ھوڏانھن لاش گھر پھچڻ تي ڪهرام مچي ويو.