ڪنڌڪوٽ پوليس پاران ٻن روپوش جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ

ڪنڌڪوٽ(ن ع آ)ڪنڌڪوٽ سي سيڪشن پوليس رهواڻي پل وٽ ڪاروائي ڪندي 2 روپوش جوابدارن ذوالفقار بنگوار ۽ شيرباز بنگوار کي  گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي.ان سلسلي ۾ انچارج سي سيڪشن سڪندر علي پنهور جو چوڻ هو ته ٻنهي جوابدارن کي رهواڻي پل وٽ  هٿيار سميت گرفتار ڪيو ويو آهي هن چيو ته ٻنهي جوابدارن مٿان 10 کان وڌيڪ ڪيس داخل ٿيل آهن. ٻئين رپوش جوابدار اغوا سميت فوجي اهلڪار کي شهيد ڪرڻ جا مک جوابدار آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.