سنڌ ۾ بلوچستان جهيڙيون حالتون پيدا نه ڪيو وڃن: صنعان قريشي

لاڙڪاڻو/حيدرآباد(پ ر )رھبر سنڌ سائين جي ايم سيد جي 119هين سالگرھ جي سلسلي ۾ جسقم اڳواڻن ۽ ڪارڪن جي گھر تي چڙهاين دوران گرفتار اڳواڻ ۽ ڪارڪن آزاد،جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي مرڪزي قيادت مومن سمون، ڏاڏو اطهر سومرو ۽ ٻين سان گڏ ڪارڪن کي گلن جا هار پارائي آجيان ڪري سندن حوصلا افزائي ڪئي.لاڙڪاڻي مان گرفتار جساف مرڪزي چيف آرگنائيزر اشرف ڪلھوڙو، لاڙڪاڻي جي چيف آرگنائيزر عزيز شيخ، جسقم مرڪزي ڪلچر سيڪريٽري ڏاڍو اطهر سومرو جو معصوم فرزند راحب سومرو، جساف اڳواڻ طارق ڪورائي، ٽنڊو محمد خان مان ضلعي چيف آرگنائزر ظهور ھاليپوٽو ۽ بيا، دادو مان جسقم اڳواڻ غازي سنڌي جو ڀاءُ عابد چانديو,گهوٽڪي مان رشيد ڪلوڙ، اٻاوڙو مان بهادر لولائي کي آزاد ڪيو ويو آهي، جڏهن ته حيدرآباد جسقم ميڊيا سينٽر قاسم آباد ،حيدرآباد تان جسقم مرڪزي انفارميشن سيڪريٽري ديدار شام مرڪزي پڌرائي ۾ پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا کي بيان جاري ڪندي ڄاڻايو آهي جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي،امجد خان مهيسر،ڊاڪٽر غلام سرور خشڪ،مومن سمون،ديدار شام،ڏاڏو اطهر سومرو، سن ۾ رهبر سنڌ سائين جي ايم سيد جي 119هين سالگرھ جي ڪامياب جلسي جون سڄي سنڌي قوم کي مبارڪون ڏيندي چيو آهي "سن”علم، فڪر ۽ سنڌي قوم جو مرڪز آهي، تنهن ڪري سنڌي قوم جي مرڪزيت جي خلاف هر قسم جي سازش کي ناڪام بڻايو ويندو، هنن چيو ته سرڪار ۽ ڪجھ عناصر هٿ وٺي رھبر سنڌ سائين جي ايم سيد جي سالگرھ ۽ ورسي جي موقعي تي افراتفري جو ماحول جوڙي سن جو قومي ميڙو ۽ اجتماع کي ڦٽائن چاهين ٿا، جيڪو ڪنهن به صورت ناممڪن آهي، هنن چيو ته وقت جي حڪمرانن کي هوش کان ڪم وٺڻ گهرجي سنڌ ۾ به بلوچستان جهڙيون حالتون پيندا ڪيون وڃن پيو! هن چيو ته سن پيدا ڪيل ڪشيدگي تي مذمت سان گڏ سنجيده غور فڪر ڪرڻ جي سخت ضرورت آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.