موهن جو دڙو لڳ چڙهائي ۽ تشدد خلاف متاثر ڌر جو احتجاج

موهن جو دڙو ( ن ع آ ) موهن جو دڙو ڀرسان ڳوٺ وڪڙو واسي جوڻيجا برادري پاران نوجوان کي مارڪٽ ڪري هٿياربندن طرفان حملو ڪرڻ بعد تشدد ڪري اغوا ڪرڻ واري واقعي خلاف جوڻيجا ڌر جي  متاثر مردن توڙي عورتن ۽ معصوم ٻارڙن جون ملان ابڙا ڳوٺ جي رهواسي جوابدارن خلاف مظفر علي جوڻيجو،سعيد جوڻيجو،بخشل جوڻيجو،فهد سومرو،مسمات شھزادي،مسمات عجيبه ۽ ٻين احتجاجي مظاهرو ڪيو،ان موقعي تي احتجاج ڪندڙ متاثر مردن توڙي عورتن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آھي ته جوابدار غلام حسين ابڙو، عابد حسين ابڙو، مزمل ابڙو ۽ ٻيا نامعلوم ماڻھن هٿيار کڻي گهر اندر گهڙي عورتن ۽ مردن کي مارڪٽ تشدد ڪري حملو ڪيو آھي،حملي ۾ سمير علي کي ڏنڊا ۽ ھٿيارن جا بَٽَ ھڻي رتورت ڪيو آھي،جڏھن ته هٿياربندن گهر اندر داخل ٿي هوائي فائرنگ به ڪئي آھي،جنهن کان پوءِ گهرڀاتين ۾ ڪيهاٽ پئجي ويا، ڪيس داخل ڪرايو ويو آهي، پر پوليس جوابدارن سان ٻٽ بڻيل آھيڊي آءِ جي ،ايس ايس پي  ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪري اسان سان انصاف ڪيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.