غوثپورويجهو واپاري کان ڦر ، متاثر پاران احتجاج جو چتاءُ

غوثپور (ن ع آ)  غوثپور  شهر ۾ امن امان جي صورتحال خراب ٿي وئي نامعلوم هٿياربندن واپاري ساحل ڪمار کان مندر روڊ ڀرسان ھٿيارن جي زور تي  روڪ رقم ۽ ٻيو سامان قيمتي سامان ڦر ڪري آساني سان فرار ٿي ويا،    اطلاع ڏيڻ باوجود پوليس واقعي واري ھنڌ نه  پھتي، متاثر واپاري ساحل ڪمار ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته  آء دڪان بند ڪري گھر طرف وڃي رھيو ھيس ته  مندر روڊ وٽ ھٿياربندن رستو روڪي پسٽلن جي زور تي  سخت تشدد ڪري روڪ رقم ۽ ٻيو سامان ڦر ڪري ويا آهن . اسان ايس ايس پي ڪشمور زبير نظير احمد شيخ کان مطالبو ٿا ڪريون ته واقعي جو نوٽيس وٺي ڦر ٿيل روڪ رقم واپس ڪرائي جوابدارن کي گرفتار ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي ٻي صورت انڊس هاءِ وي بلاڪ ڪيو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.