وارهه ۽ ڀرپاسي سياري جو پهريو وسڪارو، ٻوڏ متاثرن جا اهنج وڌي ويا

وارھه ( رپورٽ:  منظورقريشي) وارهه ۽ ڀرپاسي ۾ سياري جو مينهن وسڻ کانپوءِ ٿڌ ۾ رڪارڊ ضافو ٿي  ويو آهي، لڱ ڪانڊرائيندڙ  ٿڌ ۽ جهڙالي موسم  ۾ بي گھر ماڻهن کي ڳڻتي ۾  مبتلا ڪري ڇڏيو آهي، جنوري جي ھوائن سبب کليل آسمان ھيٺ بيٺل ڀاڳين جا بکايل ڪمزور مال اوچتو بيٺي بيٺي  ڪري مرڻ لڳا آهن، ڀاڳين پاران سرڪار طرفان مهلائتي سهائتا نه ٿيڻ جون دانهون  ڪيون ويون آهن ، برساتي ٻوڏ کي 5مهينا گذري ويا پر سرڪار پاران گهرن لاء  اعلانيل رقم جاري نه ٿي سگهي آهي ، ڪيترن ئي خاندان تائين خيما رسائي نه ٿي سگهي آهي، جنهن ڪري  عوام ٻٽي عذاب۾ مبتلاآهي، سڄاڻ ڌرين عوامي آواز سان ويچار ونڊيندي چيو ته سنڌ حڪومت ٻوڏ متاثرن جي وقت سر سهائتا نه ڪري سگهي آھي  ۽ نه ھن وقت تائين  ئي ڪا  سگهاري اين جي اوز اچي سگهي آهي، ھت انسانن توڻي جانورن جون  زندگيون داءُ تي لڳل آھن ۽ گذريل 5مهينن کان وارھ تعلقي اندر بنيادي حق معطل نظر اچي رھيا آھن،   هنن وفاقي سرڪار توڙي عالمي ادارن کان مطالبو ڪيو آهي ته  مالي مدد ڏئي زندگيون بچايون وڃن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.