ڪنڌڪوٽ(ن ع آ) ڪنڌڪوٽ شهر ۾ جھولي لال لوھ جي دڪان تان چورن چوري ڪري سامان ۽ روڪ رقم ٻهاري ويا جڏهن 2 هفتن ۾ ساڳئي دڪان تان 2 دفعا چوري واردات ٿي چڪي آهي.جڏهن ته ٻي واردات ۾ چور شھر ۾ محمد ايوب ملڪ جي فليٽ مان 2 موٽر سائيڪلون تالا ٽوڙي چوري ڪري فرار ٿي ويا آهن ٻنهي چوري وارداتن ۾ پوليس چورن کي گرفتار نه ڪري سگهي آهي ۽ دڪاندار سخت پريشانين کي منهن ڏئي رهيا آهن.شهرين جو چوڻ هو ته چوريون واپس ڪرائي چورن کي گرفتار ڪيو وڃي.