ڀٽ شاھه ۾ مستحق عورتن جي رقم مان ڪٽوتي، انتظاميا کي چپ جو روزو

ڀٽ شاھ (رپورٽ ارشاد علي ٻگهيو) ڀٽ شاھ مستحق عورتن جي رقم مان ايجنٽ مافيا سرعام ڪٽوتي ڪرڻ لڳا انتظاميا چپ جو روزو رکي ڇڏيوڀٽ شاھ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام تحد مستحق عورتن کي ملندڙ وظيفي جي رقم مان ڊوائيز هولڊر سرعام 1000 روپيه ڪٽوتي ڪرڻ لڳا جڏهن ته انتظاميا ايجنٽ مافيا سان ٻٽ بڻيل آھي ڀٽ شاه شھر جي پرائيويٽ دوڪانن تي عملي ۽ ايجنٽن جي ملي ڀڳت سان سرعام هڪ هزار روپيه ڪٽوتي ڪري مستحق عورتن کي ٻنهي هٿن سان ڦرڻ لڳا ان موقعي تي مسمات فرزانه مسمات ثمينه مسمات پٺاڻي مسمات حوران مسمات رتني ٻائي مسمات ميران ۽ ٻين عورتن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته پرائيويٽ دوڪانن تي وڌيڪ رش ھجڻ جي ڪري سڄو سڄو ڏينهن بيهاري پريشان ڪري رشوت ڏيڻ تي پيسه ملن ٿا پوليس اهلڪار به سينٽر تي موجود ناهن ايجنٽ ۽ انتظاميا پاڻ ۾ مليل آھي حڪومت کان آيل ست هزار رقم مان ڪٽوتي ڪري ڇھ هزار ملن ٿا ايجنٽن کي رشوت نه ڏيندڙ عورتن کي فنگر جو سبب ڃاڻائي کين رولايو وڃي ٿو هنن وڌيڪ ڳالهائيندي چيو ته ايجنٽ من پسند عورتن کي جلدي پيسه وٺرائي ڏيندا آھن غريب ۽ ڳوٺاڻين عورتن جي تزليل ڪندا آھن هنن ڊي سي مٽياري ايس ايس پي ۽ وس وارن کان مطالبو ڪيو آھي ته ڊاريڪٽر بينظير انڪم سپورٽ ۽ ايجنٽن خلاف قانوني ڪاروائي ڪئي وڃي ۽ اسان کي پنهنجو حق ڏنو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.