پ پ لاءِ هندو برادري جون وڏيون خدمتون آهن: قائم علي شاهه

سکر (رپورٽر ) سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير سيد قائم علي شاھ سان پاڪستان پيپلز پارٽي مينارٽي ونگ سکر ضلعي جي جنرل سيڪريٽري راجڪمار وڌواڻي ملاقات ڪري کيس سنڌ جي ھندو برادري جي مسئلن کان آگاھ ڪندي کيس ٻڌايو ته سکر جي تاريخي تيرٿ آستان ساڌ ٻيلو برساتن ۽ ٻوڏ کانپوءِ ھن وقت کنڊر جو ڏيک ڏئي رھيو آھي. توھان جي دور ۾ ساڌ ٻيلي جي ترقي ۽ مرمت جي لاءِ جيڪي 48 ڪروڙ روپيه منظور ٿيا ھئا.انھن پيسن مان 7 کان 8 ڪروڙن جو ڪم مس ٿيو. جڏھن ته بلڊنگن گھٽين، ديوارن مندرن جو ڪم اڌ ۾ رڪيل آھي. اھو جلد ڪرائي ڏنو وڃي. جنھن تي اڳوڻي سي ايم سنڌ سيد قائم علي شاھ ڳالھيندي چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي جي لاءِ ھندو برادري جون وڏيون خدمتون آھن. جيڪي ساراھ جوڳيون آھن. پيپلز پارٽي پاڪستان جي واحد پارٽي آھي جيڪا اقليتن کي مڪمل تحفظ فراھم ڪري ٿي ۽ انھن جا مسئله ترجيح بنيادن تي حل ڪبا. پاڪستان پيپلز پارٽي جو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي خواهش ۽ ڪوشش ھوندي آھي ته ھندو برادري جا اوليت جي بنياد تي مسئلا حل ڪيا وڃن. پيپلز پارٽي اقليتن جي حقن لاءِ پنھنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪندي رھي ٿي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.